Monday 3 December 2012


ڇا ڪالاباغ ڊيم هڪ اليڪشني ڪارڊ آهي؟

علي زاهد

هونءَ ته آمريڪا جون صدارتي  چونڊون جڏهن به ٿينديون آهن ته جيڪا به پارٽي پهنجو صدر چونڊرائڻ ۾ سو ڀاري ٿيندي آهي ان جي  هڙ ۾ عوام کي بيوقوف بڻا.ئڻ لاءَ ڪو نه ڪو ڪرتب ڪو نه ڪو اشو ضرور هوندو آهي، ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿوته آمريڪا به اهڙن ملڪن منجهان آهي جتي اشوز جي سياست ڪئي ويندي آهي پر ڳالھ اها آهي ته هنن وٽ جيڪي اشوز هوندا آهن اهي بين الاقوامي سطح جا  هوندا آهن  يعني آمريڪي عوام آڏو آمريڪا کي بين الاقوامي سطح تي رکي ان سان سلهاڙيل اشوز کي آڏو آندو ويندو آهي ۽ اهڙي نموني انهن اشوز جون ڍٻريون وڄائي اتان جي عوام کي متاثر ڪري اتان جا سياستدان پهنجو ڪم ڪري ويندا آهن.
اسان جو پاڙيسري ملڪ ڀارت پڻ اهڙِي روش ۾ اڳيان اڳيان آهي، بي جي پي هجي يا ڪانگريس ٻنهي پارٽين وٽ عوام آڏو رکڻ لاءَ پهنجا پنهنجا اشوز هوندا آهن ۽ پنهنجا پنهنجا ڪارڊ هوندا آهن پوءَ ڪڏهن ڪهڙي پارٽي اقتدار ۾ ايئندي آهي  ته ڪڏهن ڪهڙي بس انهن وٽ هڪ ڳاله ڏاڍي ڀلي آهي ته اهي پنهنجا اشوز پيدا ڪرڻ لاءِ پهنجي عوام کي جوکم ۾ ناهن وجهندا . هنن وٽ جيڪي اشوز هوندا آهن اهي نج پج سياسي هوندا آهن .
ان ڳاله ۾ ڪو وڌاءَ نظر نه ٿو اچي ته پاڪستان جي سياسيت پڻ نج پج اشوز ۽ ڪارڊ تي هلندڙ سياست وڃي رهي آهي. ورهاڱي کان وٺي هن وقت تائين جيڪي به چونڊون ٿيون آهن انهن جو جيڪڏهن ڳوڙهائي سان تجزيو ڪبو ته اها ڳالھ واضح طور تي نظر ايندي ته جيڪي به پارٽيون چونڊن ۾ بهرو وٺنديون رهيون آهن انهن وٽ اشوز جا انبار هوندا آهن. اهي اشوز جن سا مخالف ڌر کي نيچ ڏيکارڻ  ۾ انهن جو مورال ڊائون ڪرڻ ۾ مدد ملندي هجي، اهڙا اشوز جن سان پنهنجي مخالفن جي چيلھ چٻي ڪرڻ ۾ مدد ملندي هجي ، اهڙا اشوز جن سان پنهنجي لاءَ عام ماڻهو وٽ همدرديون وڌائڻ ۾ مدد ملندي هجي ۽ مخالفن جو ٻيڙو ئي گم ڪرڻ ۾ مدد  ملي. پوءَ اهو ناهي ڏٺوويندو ته انهن اشوز کي ملڪ جو عوام ڪيئن ٿو ڏسي ، انهن اشوز جي اڀارڻ جي ڪري عام ماڻهو جي جان مال ۽ ٻين حقن کي  ڪيترو ڇيهو رسڻ جا امڪان هوندا آهن يا انهن جي لاءَ ڪيترا هاڃيڪار ثابت ٿيندا آهن؟ بس ان ڳاله تي زور ڀريو ويندو آهي ته ڪنهن نموني چونڊون کٽڻيون آهن. ڪنهن  به صورت پنهنجي حريف کي تاريخي شڪست ڏيڻي آهي پوءَ ان تاريخي شڪست جي شوق ۾ اچي تاريخي غلطيون پڻ ڪيون وينديون آهن جيڪي حال توڙي مستقبل ۾ عام ماڻهو لاءَ تمام گهڻا آذار ۽ مصيبتون پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجندا آهن. هن وقت ملڪ ۾  چونڊن وارا چوٻول عام آهن، هرڪو چونڊون وڙهڻ ۽ انهن ۾ سوڀارو ٿيڻ لاءَ سنڌرا ٻڌي رهيو آهي، هرڪو پنهنجي ماڻهن، پنهنجي ساٿارين ۽ پهنجي ووٽرن جون دليون فتح ڪرڻ جا جتن ڪري رهيو آهي. هر ڪو ان ڳالھ ۾ پرشان آهي ته ڪهڙا ڪهڙا اشُوز آڏو رکي ميدان مارجي، هرڪا پارٽي پنهجي پهنجي هڙ ۾ جهاتِون پائي ڏسي رهي آهي ته وٽس ڪهڙا ڪارڊ ۽ ڪهڙا اشوز موجود آهن ۽ اهڙيون حرڪتون پڻ منظر تي اچي رهيون آهن جن مان اشوز واري سياست جا آثار نميان نظر اچي رهيا آهن. ملڪي تاريخ ۾ جيڪي به چونڊون ٿيون آهن ۽ انهن دوران جيڪي به اشوز اڇلايا ويا آهن انهن کي ٻين صوبن سان گڏ گهڻي کان گهڻو سنڌ ڀوڳيو آهي. پنجاپ ۾ نوازليگ وٽ به توڙي جو ٻيا ننڊا وڏا ڪيترائي ڪارڊ موجود آهن جن سان هو وقت سر پنهنجن مخالفن تي وار ڪندي رهي آهي پر هن وٽ وڏي ۾ وڏو هٿيار آهي ڪالاباغ ڊيم وارو اشو، جنهن کي هو  ضرورت وقت منظر عام تي آڻي  پنهنجن مخالفن کي منجهائڻ، پنجاب اندر پنهجي ووٽرن جون دليون فتح ڪرڻ ۽ پنهجا من گهريا مقصد ماڻڻ لاءَ استعمال ڪندي رهي آهي. هن وقت جڏهن چونڊون ويجهو آهن تڏهن خبر نه آهي ڇو ۽ ڪيئن اهو ڪارو نانگ ٻيهري  ٽٻڻي مان نڪري ڦڻ ڪڍي سنڌي عوام کي ڊيڄارڻ لاءَ نروار ٿيو آهي يا نروار ڪيو ويو آهي. مونکي ياد آهي 2005ع ۾ مشرف دور ۾ پڻ ڪالاباغ  ڊيم جي حمايت ۾ ڊيم جا حامي سرگرم ٿيا هئا جنهن جي هڪ حربي طور اخبارن ۾ اشتهاري مهم پڻ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي ۽ هر سطح تي ڊيم جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءَ ڪوششون ورتيون ٿي ويون، مشرف جي ارادن مان ظاهر ٿي رهيو هو ته هن کي اهڙو ته تيار ڪيو ويو آهي جو هو هر صورت ۾ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي موڊ ۾ هو پر ان وقت سنڌ جا باشعور ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، صحافين احتجاج ڪيو ۽ پنهنجون نوڪريون ڇڏي ڏنيون، ماڻهن ۾ ايتري ته ڪاوڙ جي لهر هئي جو هڪ سڏ تي ڪراچيءَ جي ايم اي جناح روڊ تي گاڏين بجاءِ اجرڪن، سنڌي ٽوپين ۽ پٽڪن سان ماڻهن جون لکين منڍيون نظر اچي رهيون هيون، لکن جي انگ ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان سنڌي ماڻهو گڏ ٿي ان ڊيم خلاف احتجاجي ريليءَ ۾ شريڪ ٿيا ۽ وڏي واڪي مشرف جي ان ارادي کي رد ڪندي ٿڏي ڇڏيو. سنڌي ماڻهن جو هيڏو وڏو ردعمل ڏسي مشرف خائف ٿيو ۽ مجبورن پٺتي هٽڻو پيس.
ملڪ جي ٽن صوبائي اسمبلين اڪثريتي راءِ سان ڪالاباغ ڊيم جي رٿا کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پختون خواھ جا ماڻهو بار بار اهو چئي رهيا آهن ته ڪالاباغ ڊيم جيڪڏهن ٺهيو ته اسان جي لاشن تي ٺهندو، بلوچستان جو عوام ڪنهن به صورت ۾ ڪالاباغ ڊيم جي رٿا مڪمل ٿيڻ جي حق ۾ ناهي، بلوچ پڻ مرڻ ۽ مارڻ جا وچن ورجائيندا رهيا آهن، سنڌ جوعوام ته ڊيم جي مخالفت جو هر ممڪن ثبوت ڏئي چڪو آهي، رهي ڳالھ پنجاب جي ته، اتان جا ماڻهو وري ڪنهن به صورت ۾ ڊيم تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ناهن، سواءِ سرائڪي وسيب جي پنجاب جي اڪثريتي آبادي ان ڳالھ تي بضد آهي ته ڪنهن به صورت ۾ ڊيم ٺهڻ گهرجي. هاڻ هڪ نظر ان ڳالھ تي به وجهڻ جي ضرورت آهي ته آخر پنجاب جو ماڻهوايڏي هوڏ تي ڇو آهي؟ اها ڪهڙي ڳالھ آهي جيڪا انهن کي ايترو پختو اسٽينڊ وٺڻ تي مجبور ٿي ڪري، اهو ڪهڙو فائدو آهي جنهن جي لالچ تي اهي ڊيم جي رٿا تان هٿ نٿا کڻن؟
2004ع ۾ پنجاب جي شهر گجرانوالا کان ڪجھ دوست حيدر آباد ۾ مون وٽ گهمڻ سناگي آيا هئا، اهي پنجابي هئا ان ڪري انهن جو نقطه نظر به اهو ئي هيو جيڪو عام پنجابيءَ جو هجي ٿو. هنن سان ملڪي سياست توڙي کوڙ سارن مامرن تي بحث ٿيا هئا. مونکي ياد آهي ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان هنن ۾ ڏاڍو ڪٽرپڻو هيو، هنن جي ڳالهين مان ايئن پئي محسوس ٿيو ڄڻ ملڪ اندر هنن سان زيادتي ٿي رهي آهي، ڪالاباغ ڊيم نه ٺاهي هنن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي. هنن پنهنجا دليل ڏيندي مونکي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته درياھ جو پاڻي جيئن ته سمنڊ ۾ ضايع ٿي رهيو آهي ۽ ملڪ اندر بجليءَ جي ايتري کوٽ آهي جو اسان جون زندگيون عذاب ٿي وڃن ٿيون، هنن اهو به چيو ته اسان جون ڪيتريون ئي زمينون غيرآباد پيون آهن، جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم ٺهيو ته هڪ ته بجليءَ جي پيداوار وڌندي ۽ اسان جي بجليءَ واري کوٽ جي عذاب مان جان آجي ٿيندي ۽ ٻيو اهو ته پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ٿيڻ بجاءِ پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جون غيرآباد زمينون آباد ڪري سگهبيون جنهن سان ملڪ اندر زراعت کي هٿي ملندي ۽ اسان جو ملڪ خوشحال ٿيندو.
مون هنن کان پڇيو ته اها ڳالھ اوهان کي ڪنهن ٻڌائي آهي؟ هنن وراڻيو هو ته اها ڳالھ هر پنجابيءَ جو موقف آهي پوءِ اهو عام ماڻهو هجي يا سياستدان، اديب يا دانشور. اسان جا سياستدان هر تقرير ۾ ڪالاباغ ڊيم جو ذڪر ڪندا آهن ۽ اهي ئي دليل ڏيندا آهن جيڪي اسان جو موقف ٿي ويندا آهن. اسان وٽ پمفليٽس ورهايا ويا، پوسٽرس لڳايا ويا، ميڊيا ڪيمپينس هلايون ويون ۽ انهن سڀني عملن وسيلي اسان جي عام ماڻهوءَ به اهي حقيقتون ڄاتيون آهن ۽ هاڻي اسان به ان ڳالھ جا قائل آهيون ته ننڍا صوبا ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت هرو ڀرو ڪري رهيا آهن. اهو صرف هنن جي انا جو مسئلو وڃي رهيو آهي ٻيو ڪجھ به ناهي، جڏهن ته پنجاب جو عوام ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ ۽ خوشحال ڏسڻ چاهي ٿو.
هڪ ڏينهن مون انهن دوستن کي چيو ته اڄ اوهان کي هتان جي مشهور المنظر هوٽل تي اسان جي مشهور مڇي پلو ٿو کارائيان، ايئن پلو کارائڻ جي بهاني مان هنن کي المنظر وٽ وٺي آيس، پل تي بيهاري مون کين درياھ جو منظر ڏيکاريو ۽ کين چيو ته “ هي آهي درياھ جو هڪ پاسو جتي اوهان طرفان مهربانيءَ ڪري ڇڏيل پاڻي گڏ ٿيل آهي جيڪو پڻ هتي ان ڪري جمع آهي جو ڪراچي واھ کي سڄو سال هر حال ۾ ٽٻٽار وهڻو آهي جي نه ته پوءِ ڪراچي جا ماڻهو پيئڻ جي پاڻيءَ واري بحران جو شڪار ٿي ويندا، هن پاڻيءَ مان اسان جا زرعي مقصد ڪنهن به صورت ۾ پورا ٿيڻ جوڳا ناهن ۽ هي آهي درياھ جو ٻيو پاسو جنهن لاءِ اواهان جو دليل هيو ته درياھ جو پاڻي سڄو سال سمنڊ ۾ ضايع ٿي رهيو آهي”.
هنن دوستن جڏهن درياھ جي ان پاسي واري اڏندي ڏٺي ۽ پاڻيءَ جا نالو نشان نه ڏٺو ته حيران رهجي ويا ۽ پنهنجن سياستدانن ۽ ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ ڪيمپينون هلائيندڙن کي گار ڏئي چوڻ لڳا ته اسان جي ماڻهن کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي.
مٿي ذڪر ڪيل واقعي جو هتي بيان ڪرڻ ان لاءِ ضروري سمجهيم جو اها ڳالھ واضع ٿي سگهي ته ڪيئن سياسي پارٽيون اشوز کي ڪيش ڪرائي ووٽ وٺن ٿيون، نواز ليگ جيڪا هر دور ۾ ڪالاباغ ڊيم جي حامي رهي آهي، اها تازي آيل پنجاب هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي توڙي جو واضع طور تي پنهنجو موقف آڏو آڻي ناهي سگهي پر تڏهن به شهاباز شريف چپ ڪاٿي ٿو رهي سگهي؟ هن جو بيان ان ڳالھ جي تائيد ضرور ٿو ڪري ته هو اڄ به ڪالاباغ ڊيم جا حامي آهن ۽ ضرورت پوڻ تي هو ان اشو کي وڌائي عوام اندر پنهنجي لاءِ همدرديون پيدا ڪرڻ وارو عمل ضرور ورجائيندا پر مزي جي ڳالھ اها آهي ته سنڌ جي ڪجھ اهڙين پارٽين جن ويجهڙائيءَ ۾ نواز ليگ سان سڌو يا اڻسڌو اتحاد ڪيو آهي انهن جي پوزيشن هاڻي ٻڏتر جو شڪار ضرور رهندي، ڇو ته اهي پارٽيون ۽ ڌريون ماضيءَ ۾ ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ۾ اڳيان اڳيان رهيون آهن، هاڻ جڏهن نوازليگ ڪالاباغ ڊيم جي ٻيهر ڀڙڪي اٿندڙ اشو تي پنهنجو چٽو موقف ضرور پڌرو ڪندي جيڪا هنن جي مجبوري پڻ آهي ته پوءِ انهن پارٽين جو ڇاٿيندو جن نواز شريف کي اجرڪ ۽ ٽوپيون پارئي اتحاد جا واعدا ۽ اقرار ڪيا آهن. جيڪڏهن اهي نوازليگ پاران ڊيم جي واضع حمايت ڪرڻ کان پوءِ به اتحاد جاري رکن ٿيون ته سنڌ اندر انهن جي جيڪا به ساک آهي اها ڀور ڀور ٿي ويندي پر جي اهي نوازليگ سان ڪيل اتحاد ختم ڪري ڪالاباغ ڊيم خلاف اڀرندڙ احتجاجن جو حصو بڻجن ٿيون ته پوءِ انهن واعدن اقرارن ۽ مقصدن جو ڇا ٿيندو جن جي حاصلات لاءِ هنن نوازشريف سان هٿ ملايو هو؟
رهي ڳالھ پيپلز پارٽي جي جيڪا اڳ ئي ايم ڪيو ايم کي خوش رکڻ لاءِ سنڌ کي ٻٽو مڪاني نظام جو تحفو ڏئي چڪي آهي جنهن خلاف سنڌ جو ماڻهو اڃا سوڌو روڊن تي آهي، پي پي جيتوڻيڪ پنجاب هاءِ ڪورٽ جي ان فيصلي مان خوش نظر نٿي اچي، وڏي وزير قائم علي شاھ جو بيان ۽ قائره جو بيان جيتوڻيڪ پي پي جو موقف پيش ڪري ٿو جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته پي پي ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ ناهي ۽ نه ئي پنجاب هاءِ ڪورٽ جي ان فيصلي مان خوش آهي پر سنڌ جي ماڻهن لاءِ اهي بيان ڪافي ناهن، سنڌي ماڻهن اندر جيڪا ڪاوڙ جي لهر آهي اها ٻه رخي ٿي وئي آهي. هڪ ته ٻٽي مڪاني نظام جي ڪاڙ ۽ ٻي وري تازو پنجاب هاءِ ڪورٽ پاران ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان ڏنل فيصلي جي ڪاوڙ، پوءِ اهڙي ماحول ۾ پي پي جي نمائندن جا اهڙا ٿڌيرا بيان عام ماڻهن کي مليل زخمن تي مرهم نٿا رکي سگهن، عام ماڻهو ته ان ڳالھ تي به حيران آهي ته جيڪڏهن پي پي واقعي ڪالاباغ ڊيم جي مخالف آهي ته پوءِ ان مامري کي قومي اسمبليءِ مان بل جي صورت ۾ اڪثريتي راءِ سان رد ڪرائي هميشه جي لاءِ ختم ڇو نه ڪري ڇڏيو؟ ڇو انهيءَ چڻنگ کي ٻرندو ۽ دکندو رهڻ ڏنو؟ ملڪ جون ٽي صوبائي اسمبليو ان رٿا کي جڏهن اڳ ئي رد ڪري چڪيون آهن ۽ جي قومي اسمبلي ۾ به اهڙي ڪاروائي ڪري ان رٿا کي مڪمل طور تي رد ڪيو وڃي ها ته نه رهي ها بانس نه وڄي ها بانسري.  

No comments:

Post a Comment