Friday 7 December 2012

!قصو هڪ زوال پذير سماج جو


!قصو هڪ زوال پذير سماج جو


علي زاهد


اسان سنڌي ماڻهو به ڪيترا نه سادڙا آهيون، هش تي خوش ٿيڻ وارا ماڻهو، سدائين خيالن جا محل ٺاهڻ ۽ پلاءُ پچائڻ اسان جو محبوب مشغلو، چوندا وتندا آهيون ته ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ، تنظيم ۽ ٻيو گهڻ ڪجهھ اسان وٽ آهي، ايئن هوندو پر ان وڏي ۾ وڏي ڍنڍ يعني منڇر ڍنڍ جو اڳوڻي ڇنڊڻ ۽ هاڻوڪي آر بي اوڊي جيڪو حشر ڪيو اهو ڀلا ڪنهن کان ڳجھو آهي؟ اها ڍنڍ جنهن ۾ ٻيڙين جا شهر آباد هوندا هئا، جتي ٻيڙين تي اسڪول، هوٽلون ۽ گهر آباد هوندا هئا، جتي ٻيڙين تي ميلا لڳندا هئا، جتي ٻيڙين تي ڄڃون وينديون هيون، جتي سائبيريا جي پکين جا اڻڳڻيا قسم سياري جي مند ۾ وسرام ڪندا هئا، جتي جي مڇي سڄي ملڪ ۾ ويندي هئي، جتي مهاڻن جي منهن تي مرڪون هونديون هيون ۽ اهي منظر ڪنهن رومانوي ناول جي منظر جو ڏيک ڏيندا هئا، جڏهن سرد رات ۾ ڪو مهاڻو دنگيءَ تي گهر ورڻ دوران گيت ڳائيندو هو ته:
منڇر هيءَ مهاڻن جي،
منهنجي روح جي راڻن جي.
آڌيءَ اڀ لٿو پاڻيءَ ۾
ڄڻ مهمان سڏيل ٻيڙين جو
جر جي هيٺ مڇين جو پاڙو
ڇر تي شهر اڏيل ٻيڙين جو
مڌر ملڻ جي ٽاڻن جي
منڇر هيءَ مهاڻن جي (علي آڪاش)
پوءِ ان مڌر گيت جي گونجار ڪنڌين، ٻيڙين ۽ وري پري جي وسندين ۾ رهندڙ محبتن جي موملن ۽ راڻن جي ڪنن تائين پڄندي هئي ته ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو ڀاسندي هئي.



اڄ اها ئي منڇر آهي پر اهي ٻيڙين جا شهر، دڪان، هوٽلون، ڄڃون ناهن، اڄ اها ئي منڇر آهي اڄ اها ئي منڇر آهي پر اهي مڇيون، اهي پکي ناهن، اڄ اها ئي منڇر آهي پر اهي هوڙا، دنگيون ناهن، اهي مهاڻن جي چهرن تي مرڪون ناهن، اهي گيت الائي ڪاڏي ويا، اهي پيار الائي ڪنهنجي نظر سان نظرجي ويا، اڄ به منڇر جي پاڻيءَ ۾ روز اڀ مهمان ٿي اچي ٿو پر ويڳاڻو ويڳاڻو ٿي واپس وري ٿو، نراس ٿي موٽي ٿو ڇو ته اڄ اتي سندس آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ ڪير به ناهي. اڄ مٺي پاڻيءَ جي اها ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ زهريلي پاڻيءَ جي هڪ ناڪاره ڍنڍ وڃي رهي آهي، جنهن تي ڪڏهن فخر ڪبو هو هاڻي لڄ ٿي اچي…. ها هاڻي لڄ ٿي اچي ته اسان پنهنجي لالچن ۽ اسان جي حڪمرانن جي غلط پاليسين ۽ منصوبن سبب اسان پنهنجن حامن تي شرمندا ٿي رهيا آهيون.



اسان جو سماج هاڻ انهيءَ ڪنڌيءَ تي اچي پڳو آهي جتي بيحسيءَ جو شڪار ٿيندڙ فرد جڏهن ڪنهن داد فرياد لاءِ ڪٿي دانهن ٿا ته انهن جي تذليل ڪئي وڃي ٿي. ٻه ڏينهن اڳ سوڀيديري لڳ بااثر وڏيري خلاف ڪيس داخل ڪرڻ تي پيءُ پٽ ميهر ۽ اشرف سان جيڪا جٺ ٿي ڇا اها ڪنهن سڌريل سماج جو ڪارنامو ٿي سگهي ٿي؟ بااثر وڏيري جهڙي نموني پنهنجن هٿياربند ساٿين سان گڏجي انهن بي پهچ ۽ معصوم پيءُ پٽ کي ٻڌي، سندن مٿي جا وار، ڏاڙهي ۽ مڇون ڪوڙي مٿن وهشياڻو تشدد ڪيو، ڇا اهو عمل ڪنهن سڌريل، امن پرست ۽ بهترين معاشري جو عمل ڪوٺي سگهجي ٿو؟ بگهيڙ ته هر معاشري ۾ هوندا آهن پر اهڙي انساني تذليل ته سڄي انسانيت جي منهن تي ڀونڊو آهي، انهن پيءُ پٽ سان ڪيل وڏيري جي ڪاروائي اهو پيغام ڏئي رهي آهي ته اسان جو سنڌي معاشرو جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته انسانيت ۽ نيڪناميءَ وارو معاشرو رهيو آهي ان کي چتاءُ آهي ته هاڻي حالتون ان رخ طرف وڌي رهيون آهن جيڪو رخ سماجن جي تباهيءَ واري ماڳ ڏانهن وڃي نڪري ٿو، يعني ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان ان تباهيءَ طرف وکون کڻي رهيا آهيون جتي پهچڻ کان پوءِ اسان جون هنيل سموريون حامون رئي ٿي وينديون ۽ اسان جا ايندڙ نسل اسان جا نشان ڌرتيءَ جي گولي تي ڳوليندا رهجي ويندا.



سنڌ اندر بد امني ايتري ته وڌي وئي آهي جو هاڻي انهن ملڪن، علائقن ۽ خطن بابت ڳالهيون ٻڌي حيرت ٿيندي آهي ته اتي امن جي ديوي جو راڄ آهي. سکر خيرپور ۽ شڪارپور مان ويجهڙائيءَ ۾ 9 ڄڻا اغوا ٿيل ويچارا ماڻهو اڃا سوڌو انهن ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن جن ڌاڙيلن وٽ رحم ۽ لحاظ نالي جي هاڻي ڪا به شيءِ ناهي رهي، خبر ناهي هنن ويچارن سان ڪهڙيون ويڌنون ٿي رهيون هونديون، خبر ناهي هنن جي مائٽن ۽ گهر ڀاتين مٿان روز جو سج ڪهڙيون قيامتون اڇلائيندو هوندو ۽ رات هنن کي ڪهڙيون پيڙائون ارپيندي هوندي پر پوليس اڃا ڳولا ۾ رڌل آهي جنهن جي وس ۾ هونءَ ته گهڻو ڪجهھ آهي پر اتي اچي پوليس به بيوس بڻجي ٿي وڃي ۽ لاچاري ڏيکاري راڄوڻين ۽ وڏيرن جي مدد سان مالڪن کي ڳرا ڀنگ ڀري پنهنجا جگر جا ٽڪرا ڇڏائڻ ۽ بچائڻ جا مشورا ڏيندي آهي.



حيدرآباد پريس ڪلب اسان جي منصفن ۽ حڪمرانن کي الائي ڇو نٿو نظر اچي، يا ان تي سندن اک ئي نٿي ٻڏي، روز اتي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ڪيترائي بي پهڇ ۽ انصاف کان وانجهيل ماڻهو اڇن ٿا. احتجاج ڪنٿا، رڙيو ۽ واڪا ڪن ٿا، بک هڙتالون ڪن ٿا، روئن ٿا پر اهي ڳوڙها، اهي رڙيون، اهي واڪا خبر ناهي ڇو انهن منصفن ۽ حڪمرانن جي سماعتن تائين نٿا رسن. توڙي جو سنڌي ميڊيا اهي سڀ آهون، سڏڪا ۽ هڏڪيون خبرن جي سرخين جي صورت ۾ انهن جي ناشتي جي ٽيبل تائين پهچائي پنهنجو فرض پورو ڪري رهي آهي. ڇاڇري جو ڳوٺاڻو چيتن پنهنجي زال سان لڄالٽ ڪندڙن خلاف احتجاج ڪري انصاف جي گهر ڪري ٿو، ڳوٺ سارنگ فقير جو رهواسي ڦوٽو زرداري پنهنجي ٻنيءَ تي بااثر ماڻهن جي قبضي خلاف دانهين ٿو، لطيف آباد جي ڳوٺ صحبت خان جو رهواسي قربان دانهون ڪري رهيو آهي ته سندس زال هڪ پوليس اهلڪار وٽ ناحق قيد آهي، مٽياري جي ڳوٺ جافراڻي، گولاڙچي جي ڳوٺ گلاب ملاح جا رهواسي ۽ ٻيا ڪيترا ئي مايوس ۽ انصاف کان وانجهيل ماڻهو حيدر آباد پريس ڪلب آڏو هڪ ئي ڏينهن گڏ ٿيا، ان اميد تي ته من ميڊيا سندن آواز انهن منصفن ۽ حڪمرانن جي ڪنن تائين پهچائي ڇو ته ساڻن سندن علائقن جا بااثر ماڻهو ويڌنون ڪيو ويٺا آهن، سندن اکين ۾ ڳوڙها، چپن تي آهون ۽ دانهون ۽ چهرن تي فيض احمد فيض جي هنن سٽن جا تاثر ڏسي ۽ پسي سگهجن ٿا:
بنے ہیں اہل ِ حوص مدعی بھی منصف بھی
کسے وکیل کریں، کس سے منصفی چاہیں؟
هڪ اهڙو سماج جتي وحشي جمعي ملاح جهڙا حوص پرست رهندا هجن جيڪي گڏڙين ۽ کيڏوڻن سان کيڏڻ واري معصوم عمر ۾ ابهم وجنتي ميگهواڙ کي پنهنجي حوص جو نشانو بڻائيندا هجن، ان معاشري ۾ ان کان وڌيڪ سفاڪي جي ڪهڙي اميد ڪجي، اها ڪهڙي گدڙ سڱي آهي جنهن سان اهڙن وحشي ۽ حوص پرست ماڻهن جي اندر مان بگهيڙ ٻاهر ڪڍي اڇلي ڇڏجن، پر ڇا اهو به ممڪن آهي، ڇا اهڙن ماڻهن جي اندر ۾ بگهيڙ هوندا آهن يا اهي ايترا ته سفاڪ ٿي چڪا آهن جو هو پاڻ ئي بگهيڙ بڻجي ويا آهن… ڪجهھ به آهي پر اها حقيقت آهي ته هن سماج ۾ عورتن ۽ خاص ڪري ٻارڙن تي ٿيندڙ سفاڪانه ڪاروائين جي ذميوار ماڻهن کي جيستائين عبرتناڪ سزائون نٿيون ملن تيستائين معصوم وجنتي جي امڙ جهڙين امڙين جي هانءَ تي ڇنڊو نٿو پئجي سگهي.



حيرت جي ڳالهھ اها به آهي ته اسان وٽ هامون ته وڏيون آهن ته دنيا جي پراڻي ۾ پراڻي تهذيب آهيون، ڦيٿو اسان ٺاهيو، اسان جي تاريخ امر آهي، اسان جي سنڌ خوشحال رهي آهي، پر ڇا اسان پنهنجي ان تاريخي ورثي جي حفاظت ڪري سگهيا آهيون، ڇا اسان پنهنجي ان قيمتي تاريخ کي محفوظ رکڻ ۾ ڪوتاهيون ناهن ڪيون، ڇا اسان پنهنجي ثقافت، پنهنجي ورثي کي تباھ ناهي ڪيو، موهن جو دڙو جيڪڏهن انگريز کوٽي نه ڏين ها ته ڇا اسان کي اها خبر پوي ها ته اسان جي تهذيب هيتري پراڻي آهي. جن ماڻهن کي منهنجي ان ڳالھه تي اعتراض آهي ته اهي وڃي لاڙڪاڻي جي ڀر ۾ ڪائوءَ جو دڙو وڃي ڏسن ته ان سان اسان جي ماڻهن ڇا حشر ڪيو آهي، جو روڊ ٺاهڻ واري هڪ ڪمپني اتان مشين وسيلي مٽي کڻي روڊ جو ڀراءُ وجهي رهي هئي، جتان ڪيترا ئي قيمتي نوادرات ڪجهھ ضايع ٿي ويا، ڪجهھ ماڻهن جي مالڪيءَ جي ور چڙهي ويا. حيدرآباد ۾ ڏينهون ڏينهن جهرندڙ ۽ ڊهندڙ پڪو قلعو جيڪو ڪلهوڙا دور جي نشاني آهي، اسان جي ويڳاڻپ، لاتعلقي ۽ بيڌياني ۽ اڻڄاڻائي جو وڏي مثال آهي، دهليءَ جو لال قلعو ڏسو، لاهور جو بادشاهي قلعو ڏسو وري حيدرآباد جو پڪو قلعو ڏسو پوءِ ٻڌايو ته ڇا اسان پنهنجن ثقافتن، تاريخ ۽ ورثن جا امين رهيا آهيون، ڇا اسان نئون ڪوٽ، ڪوٽ ڏيجي ۽ رڻي ڪوٽ جهڙن عظيم ورثن کي سنڀالي سگهيا آهيون؟ ڇا اسان ان جي لائق آهيون جنهن لائق اسان جي وڏڙن اسان کي سمجهيو ۽ هيڏو سارو تاريخي ورثو اسان جي آسري تي ڇڏي ويا؟



ٻيو ته ٺهيو پر ڪراچيءَ ۾ برنس روڊ جون سموريون عمارتون اسان کي ڀونڊا ڏئي رهيون آهين، اهي عمارتون جيڪي ڪڏهن اسان جي سنڌي وڏڙن جي عظمت ۽ مان مرتبي جو اهڃاڻ هونديون هيون اڄ ڪٿي آهن، ڪنهن وٽ آهن ۽ ڪهڙي حالت ۾ آهن ان سان اسان کي ڪا به سروڪار ناهي رهي. ڪراچي ۾ ئي مورڙي ميربحر ۽ سندس ڀائرن جي مزارن جون چڪيون پٽي انهن کي اصل ماڳ تان هٽائڻ جي بيرحم ڪوشش تي اسان ڇا ڪيو، تازو ڪراچي ۾ هڪ صفاڪ بلڊر پاران انتهائي قديم مندر ڀڃي ڀورا ڪيو ويو، مورتين جي بيحرمتي ڪئي وئي، ابن ڏاڏن کان وٺي اتا آباد هندو برادري جا گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، انهن جا جذبا بلڊوزرن هيٺان لتاڙيا ۽ چيڀاٽيا ويا، اسان ڇا ڪيو؟ ڪنهن ٻڻڪ به ڪو نه ڪڇي، ڪنهن اهو چوڻ به گواره نه ڪيو ته ادا هي ڇا پيا ڪيو؟ ڪنهن حڪمران کي همٿ ئي نٿي ته ان ڪڌي عمل خلاف ڪو لفظ ڪڇي، ڪنهن مير پير کي ڪن تي جونءَ به ڪو نه چري ته پوءِ اسان ڪيئن چئون ته اسان هڪ اهڙي سماج ۾ رهون ٿا جتي سڀ ڪجهھ ٺيڪ ٺاڪ آهي، سڀ ڪجھه درست پيو هلي، اسان عاليشان اسان اتم، اسان مهان، اسان باشعور، اسان آدرشي، اسان ايماندار؟





اهي سمورا سوال ايندڙ نسلن جي ذهنن ۾ هوندا، اهي سڀ انومان ايندڙ نسلن جي مستقبل کي لاحق خطرن ما جاڳيا آهن، سمورا خدشا اڄ جي نسل جي ذهنن ۾ ڇو نٿا جاڳن؟ جي جاڳن به ٿا ته پوءِ آواز ڇو نٿا اڀا ٿين؟ اهو ڇو نٿو محسوس ڪيو وڃي ته اسان جي پيرن هيٺان ڌرتي هوريان هوريان کسڪندي ٿي وڃي، اهو ڇو نٿا سمجهن ته اسان جا ماڻهو سفاڪ ناهن پر انهن کي سفاڪ بڻايو ويو آهي، اهو ڇو نٿو سمجهيو وڃي ته سنڌ اندر هي جيڪو ڪجهھ به ٿي رهيو آهي اهو هٿ وٺي ڪيو پيو وڃي، اسان کي اسان جي ماڻهن کي اهو واضح طور تي بچائڻ جي ضرورت آهي ته اسان ڀلجان هڪ خوبصورت ۽ امن واري سماج جي باقيات آهيون پر اسان جي ان بهترين سماج جي تباهيءَ پٺيان لڪل هٿ اسان جي گريبانن ۾ به کتل آهن جن کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي نڪي وڏيون وڏيون هامون هڻڻ جي.

 

No comments:

Post a Comment